چَين جو شڪار

چَين جو شڪار: چين جو شڪار، ’ڦاڙهي‘ جي شڪار جو هڪ نمونو آهي. ڦاڙهو نئين ڦُٽل ڪڻڪ جي پوک ۽ مٽرن جي فصل کي چاهه سان کائيندو آهي، ان ڪري ٻيلي جا ماڻهو، مال جي ڀيل کان فصل کي لوڙها يا لَئيءَ جي ٽارين جي ڪنڌي ڏئي ڇڏيندا آهن. ڦاڙهو، لوڙهي يا ڪنڌيءَ مان ڪٿان ڪٿان گس ٺاهي، فصل کائي ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن لوڙهي مٿان ٽپي به فصل کائيندو آهي. فصل ۾ کاڌ گھڻو ڪري هڪ ئي ٽُڪري ۾ ڪندو آهي، پوءِ خفتي سندس پير ۽ تازيون ڦولهڙيون ڏسي، اُتي کُڏڻو ٺاهي ويهندا آهن، ۽ پوءِ هوشياريءَ سان فائر ڪري، ڦاڙهي جو شڪار ڪندا آهن. هن قسم جي شڪار کي ’چين جو شڪار‘ چوندا آهن. هي شڪار سنڌ ۾ خيرپور ميرس ضلعي جي ناري واري پَٽ ۾ خاص ڪري ٿيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو